پرڏيهي سازش جا ڪي به ثبوت ناهن مليا: اين ايس سي

اسلام آ باد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد مبينا ڌمڪي واري پوسٽ تي بريفنگ ڏني. بيان موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل اجلاس جا منٽس به پيش ڪيا ويا. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف ايئر اسٽاف ۽ نيوي جي سربراهه به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان جو اڳوڻو سفير اسد مجيد، بچاءَ واري وزير خواجه آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي وزير احسن اقبال ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. آهن اجلاس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انٽيليجنس ايجنسين خط جي جاچ ڪئي پر پرڏيهي سازش جا ڪي به ثبوت نه مليا. سڪيورٽي ادارن پاران جاچ ۾ ان نتيجي تي پهتو ته ڪا ٻاهرين سازش ناهي، اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي. آمريڪا ۾ مقرر اڳوڻي پاڪستاني سفير اسد مجيد قومي سلامتي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي ٽيليگرام مليو آهي. ڪميٽي ٽيليگرام تي بحث ڪيو. بيان موجب سڪيورٽي ادارن قومي سلامتي ڪميٽي کي آگاهه ڪيو آهي ته سازش جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو