لاهور (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 4 کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نديم سرور ايڊووڪيٽ طرفان داخل درخواست ۾ شهري مشکور حسين پرنسپل سيڪريٽري ذريعي وفاقي حڪومت ۽ صدر کي ڌر بڻايو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ٻنهي ايوانن مان منظور ڪري هڪ ايڪٽ بڻجي چڪو آهي ۽ ايڪٽ جي سيڪشن 4 ذريعي سوموٽو فيصلي خلاف اپيل جو حق ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اهو حق آهي. سوموٽو فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ آرٽيڪل 184 ۽ 185 ۾ ڏنل آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اپيل جو حق آرٽيڪل 184 ۽ 185 ۾ ترميم ڪري ئي ڏئي سگهجي ٿو.درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته عدالت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 4 کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ درخواست تي حتمي فيصلي تائين سيڪشن 4 تي عملدرآمد روڪيو.










