لاهور (ويب ڊيسڪ): لاهور کان ڪراچي جي وچ ۾ سفر ڪندڙ مسافرن لاءِ هڪ وڏي ۽ پريشان ڪندڙ خبر سامهون آئي آهي. پاڪستان ريلوي جي سڀ کان اهم پريميئم ٽرين ”شاليمار ايمپريس“ کي هڪ مهيني (30 ڏينهن) لاءِ مڪمل طور تي معطل ڪيو ويو آهي. ريلوي انتظاميا موجب هيءَ ٽرين لاهور کان نڪري فيصل آباد جي رستي ڪراچي ڏانهن هلائي ويندي آهي.انتظاميا جو چوڻ آهي ته قلعه ستار شاهه مسن ڪالر وٽ قائم ريلوي پل سيلابي پاڻي جي تيز وهڪري سبب سخت متاثر ٿي آهي، جنهن ڪري لاهور ۽ فيصل آباد جي وچ ۾ ريلوي ٽريڪ کي ڪنهن به وڏي حادثي کان بچائڻ لاءِ ٽرين آپريشن فوري طور بند ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته شاليمار ايمپريس پاڪستان ريلوي پاران پرائيويٽ سيڪٽر جي گڏيل سهڪار سان هلائي پئي وڃي، جنهن جي اوچتو بندش سبب سوين مسافرن جي اڳواٽ بڪنگ متاثر ٿي آهي.سيلابي صورتحال ۽ ريلوي پل متاثر ٿيڻ کانپوءِ ريلوي اختيارين مسافرن جي سهولت لاءِ متبادل حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. ريلوي ترجمان موجب، لاهور کان براستھ فيصل آباد ڪراچي ويندڙ هڪ ٻي اهم ٽرين ”قراقرم ايمپريس“ جو روٽ عارضي طور تي تبديل ڪيو ويو آهي. نون انتظامي ضابطن تحت قراقرم ايمپريس کي هاڻي فيصل آباد جي متبادل روٽ بدران براستھ ساهيوال ڪراچي لاءِ هلايو پيو وڃي، ته جيئن مسافرن کي منزل مقصود تائين پهچائي سگهجي. ريلوي انجنيئرن جو چوڻ آهي ته متاثر ٿيل پل جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم فوري طور تي شروع ڪيو ويو آهي، پر پاڻي جو دٻاءُ وڌيڪ هجڻ سبب ان جي مڪمل بحالي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو لڳي سگهي ٿو. ان دوران شهرين پاران ريلوي اسٽيشنن تي معلوماتي ڪائونٽرز وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.










