پريانٿا ڪمارا قتل ڪيس. 6 جوابدارن کي موت ۽ 7 کي عمر قيد جي سزا

پريانٿا ڪمارا قتل ڪيس. 6 جوابدارن کي موت ۽ 7 کي عمر قيد جي سزا

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي موت جي سزا ۽ 7 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي.اي ٽي سي لاهور ڪيس ۾ ملوث 76 جوابدارن کي 2-2 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جو ٽرائل ڪوٽ لکپت جيل ۾ مڪمل ڪيو ۽ جوابدارن کي سزائون ٻڌايون.

پهنجو تبصرو موڪليو