لاهور: (ويب ڊيسڪ) چوڌري پرويز الاهي ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ سيشن عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي درخواست تي ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ هاڻ پنجاب اسيمبلي ۾ جهيڙو ڪرڻ، تشدد ڪرڻ ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ تي عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي.چوڌري پرويز الاهي طرفان عامر سعيد درخواست داخل ڪئي. ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ سيشن عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست حمزه شهباز، آءِ جي پنجاب، ايس ايس پي سميت ٻين جي خلاف داخل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ليگي ايم پي ايز ۽ 200 نامعلوم ماڻهن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.جنهن ۾ موقف پيش ڪيو ويو آهي ته اسان لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي. پوليس اسان جي درخواست تي ڪارروائي ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آهي. عدالت پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.










