لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيا.محمد خان ڀٽي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ هن سينيئر ججن جو نالو کڻي مبينا طور تي سنگين ڪرپشن جي دعويٰ ڪئي آهي.وڊيو ۾ محمد خان ڀٽي چئي ٿو ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال نه مينج ٿيندو آهي ۽ نه ئي ان بابت ائين چئي سگهجي ٿو، ان سان گڏ ٻه ججن آهن، منيب اختر ۽ اعجاز الاحسن، انهن جي سڄي ذميواري مظاهر نقوي صاحب کنئي آهي، مظاهر نقوي صاحب جو بيڪ گرائونڊ اهو آهي ته ان جا ٻه پٽ آهن، ٻئي ان جا فرنٽ مين آهن، ته اهي هر غلط ڪم ۾ مبتلا آهن، ڪرپشن ڪندا آهن، صبح کان رات تائين ڪرپشن ڪندا آهن، ته پي ٽي آءِ ۽ چوڌري صاحب به انهن بابت چوندا آهن ته اهي اسان جو عدالتن ۾ به خيال ڪندا آهن، فيصلا اسان جي حق ۾ ڏياريندا آهن ته انهن جو ڪم رڪجڻ نه گهرجي، اهي ٽرانسفر، پوسٽنگ هر ڪم ۾ پئسو ڪمائيندا آهن ۽ سٺو پئسو ڪمائي رهيا آهن. سامهون ويٺل شخص محمد خان ڀٽي کان سوال ڪيو ته توهان لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪيئن مينج ڪندا آهيو؟ محمد خان ڀٽي جواب ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ، ڏسو اها به ذميواري هئي پر وچ ۾ علي افضل ساهي اچي ويو، علي افضل ساهي چيو مان سڄو مينج ٿو ڪيان، علي افضل ساهي چيف جسٽس سان ڳالهايو، هن چيو بئنچ مون کي ٺاهڻي آهي، پي ٽي آءِ خلاف ڪنهن قسم جو ڪو فيصلو نه ايندو، هڪ به فيصلو پي ٽي آءِ خلاف نه ايندو، ته ان بابت هو چيف جسٽس صاحب کان به فائدا کڻي رهيا آهن، سٺو فائدو پي ٽي آءِ جي چوڻ تي کين ملندو رهيو آهي، هو به سڀ ڪم ڪرائيندا رهيا آهن، پنهنجي ناٺي لاءِ به 10 کان 15 ارب جا پيپر پراجيڪٽ ورتا آهن.شخص سوال ڪيو ته اهو پيپر پراجيڪٽ ڇا ٿيندو آهي؟ محمد خان ڀٽي جواب ڏنو ته ان تي اڌ ڪم ٿيل هوندو آهي ۽ باقي بس کائو پيئو پروگرام ئي هوندو آهي، کيسن ۾ ويندو آهي.شخص وري سوال ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيا ماڻهو آهن توهان جا سڃاتل؟ محمد خان ڀٽي جواب ڏنو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ذاتي تعلق به آهي، مطلب جسٽس شاهد ڪريم آهي، جسٽس شاهد جميل آهي، انهن سان ذاتي تعلق آهي، جسٽس فاروق حيدر سان به ذاتي تعلق آهي، منهنجو ٻار به انهن جي ٻارن سان پڙهندو رهيو آهي.










