اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي پنجاب جي عوام چورن جي ٽولي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عمران خان پرويز الاهي کي وڏو وزير بڻجڻ تي مبارڪ ڏني چوڌري پرويز الاهي تحريڪ انصاف پاران حمايت ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽مستقبل جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون پنجاب ڪابينه جي جوڙجڪ تي به صلاح مشورا ڪيا ويا ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اتفاق ٿيو ته صوبي جي عوام جيڪو اعتماد ڪيو ان تي پورو لهنداسين هن چيو ته عوام کي رليف لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي پنجاب جي عوام چورن جي ٽولي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن مطابق پهرين مرحلي ۾ 25 رڪني ڪابينه حلف کڻڻ تي غور ڪيو ويو ڪابينه ۾ راجا بشارت، سبطين خان، ياسمين راشد، حافظ عمار ياسر، شهاب الدين سيهڙ، غضنفر عباس ڇينا، تيمور ڀٽي ۽ فيصل چيما، مراد راس، هاشم جوانبخت، چوڌري ظهيرالدين، علي افضل ساهي، عثمان بزدار، زين قريشي، اسلم اقبال، رانا شهباز، رفاقت گيلاني، راجا همايون ياسر، راشد حفيظ، سيف الدين کوسه جي نالن تي غور ڪيو ويو.










