پرويز الاهي جو گرفتار فرنٽ مين اينٽي ڪرپشن جي حراست مان فرار

پرويز الاهي جو گرفتار فرنٽ مين اينٽي ڪرپشن جي حراست مان فرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سندس فرنٽ مين سهيل اصغر گوجرانوالا جي اينٽي ڪرپشن پوليس جي حراست مان فرار ٿي ويو.اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب جوابدار سهيل اصغر جسماني رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن پوليس جي تحويل ۾ آهي.اينٽي ڪرپشن ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کي طبيعت خراب هجڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.اينٽي ڪرپشن ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل بس اسٽينڊ ويجهو رڪشا تي سوار اڻڄاتل جوابدارن سرڪاري گاڏي کي زبردستي روڪيو ۽ جوابدار سهيل اصغر کي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. گوجرانوالا جي ٿاڻي ماڊل ٽائون ۾ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي مدعيت ۾ پرويز لاهي جي فرنٽ مين سهيل اصغر اينٽي ڪرپشن جي حراست مان فرار ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.سهيل اصغر جي حراست مان فرار ٿيڻ جو ڪيس 7 نامعلوم هٿياربندن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب جوابدار سهيل اصغر کي سيني ۾ درد جي شڪايت هئي، جنهن تي جوابدار کي هٿڪڙيون هڻي سرڪاري گاڏي ۾ سول اسپتال نيو پيو وڃي.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند جوابدارن سرڪاري گاڏي کي جي ٽي روڊ تي روڪيو ۽ سهيل اصغر کي هٿڪڙيون هڻي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو