پرويز الاهي جو اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار

پرويز الاهي جو اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ)اينٽي ڪرپشن پرويز الاهي جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو.ڊي جي اينٽي ڪرپشن سهيل ظفر پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.ڊي جي اينٽي ڪرپشن جو چوڻ هو ته محمد خان ڀٽي کي بلوچستان مان سرحد پار ڀڄڻ دوران پڪڙيو ويو ۽ هو هن وقت ڪوئيٽا پوليس جي تحويل ۾ آهي.سهيل ظفر جو چوڻ آهي ته محمد خان ڀٽي کي پنجاب واپس آڻڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن ٽيم جوڙي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو