پرنيتي چوپڙا پنهنجي ذاتي زندگي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو

پرنيتي چوپڙا پنهنجي ذاتي زندگي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ پرنيتي چوپڙا پنهنجي ذاتي زندگي بابت افواهن کي رد ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ”ميڊيا ۾ منهنجي ذاتي زندگيءَ تي بحث ڪرڻ ۽ ان لڪير کي پار ڪرڻ جي وچ ۾ هڪ سٺي لڪير آهي، پرينيتي چيو ان لڪير کي پار ڪرڻ سان توهان ڪافي ذاتي ۽ بي عزت ٿي ويندا آهيو هن چيو ته مان معاملا تڏهن ئي واضح ڪندس جڏهن غلط فهمي پيدا ٿئي، جيڪڏهن ضرورت نه هجي ته پنهنجا ذاتي معاملا پرائيويٽ رکندس.پرينيتي چيو ته مان ڪڏهن به پنهنجي زندگي ڪم لاءِ يا ڪم لاءِ زندگي قربان نه ڪندس، منهنجي هميشه ڪوشش آهي ته ٻنهي وچ ۾ توازن برقرار رکي.

پهنجو تبصرو موڪليو