عادلپور (رپورٽ اسلم مھر) عادلپور ڀرسان عادل پيٽرول پمپ چنگلاڻي وٽ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار نامعلوم ھٿياربندن ٽريڪٽر سوار روزي خان پٺاڻ جنهن جي عمر/42 سال ويٺل سردار ڳڙھ کي منھن تي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.عادلپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته عادلپور پوليس فوري طور تي ڪاروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي ان حوالي سان گھوٽڪي پوليس موجب ته عادلپور ڀرسان جوابدار روزي خان کي قتل ڪري فرار ٿي رھيا ھئا ته عادلپور پوليس ايس ايڇ او غلام مصطفي ميراڻي جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جو پيڇو ڪندي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن مھراڻ ولد احمد پٺاڻ ۽ قيصر خان ولد عبدالله خان کي قتل ۾ استعمال ٿيل ھٿيار ۽ موٽر سائيڪل سميت ميراڻي باء باس گھوٽڪي وٽان گرفتار ڪري ورتو آھي پوليس موجب ته جوابدارن جو تعلق صوبي پنجاب جي شھر ساھيوال سان آھي ان حوالي سان پوليس جو وڌيڪ چوڻ آھي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آھي مقتول روزي خان پٺاڻ جھ وقت اڳ ساھيوال ۾ قتل ٿي ويل محسن خان پٺاڻ جي قتل ڪيس ۾ ملوث ھو ھوڏانھن عادلپور پوليس واقعي جو ڪيس عادلپور ٿاڻي تي داخل ڪندي گرفتار جوابدارن کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي










