پشاور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان ڪنهن سان به خراب لاڳاپا نٿا چاهيون، اسان ڪنهن جي به غلامي ڪرڻ نٿا چاهيون. پشاور ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن دوران خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ حڪومتون ڪرپشن جي الزامن تحت ختم ٿيون، اسان جي پهرين حڪومت آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي، جيڪو خط آمريڪا مان آيو ان ۾ واضح طور تي ڌمڪي ڏني وئي.عمران خان چيو ته هڪ سازش تحت پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ڪئي وئي، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿي رهيو آهي جو ڪا حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ عوام روڊن تي نڪتو نه ته پهريان ته مٺايون ورهايون وينديون هيون. شريف ۽ زرداري دورن ۾ چار سئو ڊرون حملا ڪيا ويا، دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جا 80 کان وڌيڪ شهري ماريا ويا، دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 100 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، دهشتگردي سبب سيڙپڪار هليا ويا، رپئي جي قدر گهٽي، تقرير دوران هن سوال ڪيو ته ڇا دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ ڪنهن به ملڪ پاڪستان جا ٿورا مڃيا.عمران خان چيو ته سندس حڪومتي دور رڳو ساڍن ٽن ورهين تائين هليو، 62 سالن تائين ملڪ فوجي آمرن ۽ ٻن خاندانن جي هٿن ۾ هليو آهي، شهباز شريف کي ٻيهر حڪومت ۾ غلامي ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي، هي عوام لاءِ نه ڪنهن ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪندا آهن، جڏهن کان حمزا شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير بڻيو آهي مرغي جا اگهه ٻيڻ تي وڌي ويا آهن. عمران خان جو چوڻ هو چونڊون ڪرائڻ کان اوهان ڊڄو ٿا، عوام وٽ اوهان نٿا وڃي سگهو ڇو جو اوهان جي خلاف چور ۽ غدار جا نعرا لڳندا آهن، مديني ۾ جيڪي نعرا هنيا ويا انهن ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه هو، اسان ان رات شبِ دعا گهري هئي، اوهان تي ان کان وڌيڪ الله جي ڪهڙي لعنت هوندي جو مديني ۾ اوهان جي خلاف نعرا هنيا پيا وڃن، مديني ۾ نعرا لڳا ۽ ايف آءِ آر سان تي ڪٽي وئي.عمران خان چيو ته سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي آهي، سپريم ڪورٽ کان فيصلو وٺنداسين ته پرامن احتجاج ڪرڻ جو جهموري حق آهي يا نه، سپريم ڪورٽ رولنگ ڏئي ته ڪهڙي بنياد تي ۽ ڪهڙي قانون تحت اسان کي مارچ کان روڪيو ويو، عدالت اهو پڻ ٻڌائي ته جڏهن اسان ٻيهر اينداسين ته سپريم ڪورٽ اهڙي قسم جي آمراڻي ۽ غير جهموري قدمن جي اجازت ڏيندي، مون رڳو انڪري ڌرڻو نه هنيو جو ملڪ ۾ تباهي ٿيندي، ڏڦيڙ ٿيندا، پنجاب پوليس ۽ فوج خلاف نفرتون پکڙبيون. عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ کان اسان کي تحفظ مليو ته اسان جي هڪ حڪمت عملي هوندي ۽ جيڪڏهن تحفظ نه مليو ته پوءِ ٻي حڪمت عملي هوندي. اسان رنڊڪون هٽائڻ جي تياري ڪري وينداسين، هن دفعي تي اسان بنا تياري جي ويا هئاسين، ڇو جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو هو ته رستا کلي ويا آهن، جنهنڪري اسان بنا تياري جي ڦاسي پيا هئاسين.هن وڌيڪ چيو ته هن وقت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو غير آئيني آهي، حمزا شهباز جي حڪومت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪو اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، عوام اليڪشن ڪميشن ڏانهن واجهائي رهيو آهي، حمزا شهباز کي هٽايو وڃي، نااهل ڪيو وڃي، شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.










