پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پورا ٿيندڙ منصوبا پ پ جو ويزن آهي: قاسم نويد

پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پورا ٿيندڙ منصوبا پ پ جو ويزن آهي: قاسم نويد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽ بابت وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر چيو آهي ته ٽنڊو محمد خان کان سجاول کان بُلڙي شاهه ڪريم تائين ۽ حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان کان شيخ ڀرڪيو تائين 80.7 ڪلوميٽر روڊ ٺهندو. گلاب لغاري کي چمبڙ لنڪ روڊ سان ڳنڍيندڙ 68.4 ڪلوميٽر روڊ شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيندو ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ حادثن ۾ پڻ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته انهن روڊن جي تعمير علائقي جي عوام جو پراڻو مطالبو هو جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي پورو ڪري رهي آهي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ وفاقي وزير سيد نويد قمر انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ خاص دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن اها ڳالهه اڄ پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جرنل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽس اسد ضامن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. هن چيو ته اهي ٻئي روڊ جن علائقن مان گذرن ٿا اهي ڏاڍا زرخيز زرعي پيداواري علائقا آهن ۽ اهي ٻئي رستا انهن ٻنهي روڊن جي آس پاس جي ڪيترن ئي ننڍين توڙي وڏين آبادين کي هڪ ٻئي سان ۽ ٻين شهرن سان ڳنڍڻ ۾ هڪ انتهائي اهم جو ڪردار ادا ڪندا ۽ هي شہ رگ زرعي پيداوار جيڪا زمين کان منڊي تائين پهچائڻ جو تيز ترين ذريعو پڻ هوندو. هن چيو ته هن روٽ جا روڊ ڪافي عرصي کان زبون حالت ۾ آهن، ان ڪري انهن ٻنهي روڊن جي نئين سر تعمير جي فزيبلٽي جي منظوري بعد انهن ٻنهي روڊن جي تعمير جو ڪم جلد شروع ڪري مڪمل ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر چيو آهي ته صوبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پراجيڪٽ تحت ڪيترائي ميگا پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا آهن، جن جو مقصد صوبي جي عوام جي ڀلائي آهي ۽ انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻايو ويندو. صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي نئين لهر ايندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو