ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ جو نائون اجلاس ڪراچي ۾ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت، ميونسپل ڪمشنر سکر محمد علي شاهه، مختيار شيخ، ڪمال حڪيم دايو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما، اسد ضامن، شهباز طاهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي بورڊ جي اٺين اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سفر جي مسئلن کي ترجيح ڏني وڃي، هن چيو ته ڪراچي جي عوام لاءِ وڌيڪ بسن جي ضرورت آهي، حڪومت ان حوالي سان قدم کڻندي رهندي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيوته اسان چاهيون ٿا ته عوام کي هن مهانگائي جي دور ۾ وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي.










