ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ صوبي ۾ گهٽ وولٽيج تي بجليءَ جي آلات کي چالو ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: امتياز احمد شيخ سنڌ صوبي ۾ توانائي جي بچت جي حوالي سان قائم ڪيل سنڌ انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن ايجنسي (SECA) جي بورڊ آف گورنرز جو ٽيون اجلاس ٿيو. توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ بورڊ آف گورنرز جي اجلاس ۾ سنڌ صوبي ۾ توانائي جي بچت ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ تجويزون ڏنيون ويون ته سنڌ صوبي ۾ گهٽ وولٽيج جي بجليءَ جي سامان کي فعال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن خاص طور تي جيڪي به نوان پراجيڪٽ زير تعمير آهن. بجلي جي بچت لاءِ گهٽ وولٽيج تي بجليءَ جي سامان جي لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ آباد جي نمائندن سان رابطو ڪيو وڃي ۽ جيڪي به عمارتون تعمير ٿي چڪيون آهن، انهن ۾ هن سسٽم کي لڳائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي. توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي پاران سمورن سرڪاري شعبن ۾ توانائي جي بچت واري سامان جي انسٽاليشن لاءِ مقرر ڪيل معيار موجب انرجي مينيجرز ۽ آڊيٽرز جي تربيت ۽ رجسٽريشن لاءِ قدم کنيا وڃن، جڏهن ته پبلڪ سيڪٽر جي عمارتن ۾ انرجي آڊٽ پڻ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته عوامي عمارتن ۾ ريٽرو فيٽنگ جو بندوبست ڪرڻ، اسٽريٽ لائيٽس جي ريٽرو فٽنگ، سنڌ ۾ هلندڙ انرجي سروس فراهم ڪندڙ ۽ سولر وينڊرز جي رجسٽريشن، عوامي آگاهي مهم لاءِ ميڊيا جون خدمتن جي پڻ ضرورت آهي. توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي وچ ۾ ايم او يو جي تجويز غور هيٺ آهي. جنهن تحت انهن ٻنهي يونيورسٽين جي شاگردن کي ان ٽيڪنالاجي جي حوالي سان تربيت ڏني ويندي ته جيئن تربيت يافته ماڻهو تيار ٿي سگهن. هن چيو ته توانائيءَ جي بچت سان ئي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو ۽ ان ٽيڪنالاجي جي مدد سان 30 کان 40 سيڪڙو بجلي جي بچت ممڪن بڻائي سگهجي ٿي. اجلاس ۾ سيڪريٽري توانائي سان گڏ مئنيجنگ ڊائريڪٽر (NICA) ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر (SICA) شرڪت ڪئي.










