اوٻاوڙو(ن سنڌيار)اوٻاوڙو لڳ ميرڪوش وٽ سيهڙ واھ۔ نارو واھ ۔۽ ڏهر واھ ۾ پاڻي کوٽ سبب آبادگارممتاز لنڊ۔ضمير لنڊ۔ڪيهر رند۔نياز رند۔آصف رند۔غلام نبي لنڊ۔۽ ٻيا سراپا احتجاج بڻيل آبادگارن ميڊيا اڳيان داهيندي ٻڌايو ته واهن ۾ پاڻي نه اچڻ سبب اسان جا فصل سڙي تباھ ٿي ويا آھن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ايريگيشن عملو تماشائي بڻيل آھن اسان کي ٿلها آسرا ڏنا پيا وڃن جنهن سبب اسان جا فصل سڙي تباھ ٿيا آھن هنن اعلي اختيارن کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته هن معاملي جو نوٽس وٺي واهن ۾ پاڻي ڇوٽ ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي










