بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) پنگريو ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا آبادگار محمد احمد ڪمبوه.حاجي محمد اسلم ڪمبوه.حاجي عبدالغفار ڪمبوه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ۽ آبپاشي عملي خلاف سخت ناري بازي ڪئي آبادگارن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڊاريڪٽر سيڊا پاڻي جي غلط ورھاست جي ڪري اڪرم واھ کي ھٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي پاڻي نه ملڻ ڪري اسين پنھنجن فصلن جي پوکائي نه ڪري سگھيا آھيون ۽ اسان جي حصي جو پاڻي ڊاريڪٽر سيڊا ۽ آبپاشي عملدار وڪرو ڪري رھيا آھن ھنن مطالبو ڪيو ته ڊاريڪٽر سيڊا کي ھٽايو وڃي ۽ اسان کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.










