ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي هدايتن تي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ پاران پاڻي چورن خلاف ڪاروائيون تيز ڪري ڇڏيون، واٽر بورڊ جي ترجمان عبدالقادر شيخ جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ڪياماڙي ضلعي جي سعيد آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪندي غير قانوني طور پاڻي چوري ڪندڙ جوابدارن نالي شاهجهان ولد محبت خان، محمد اقبال ولد ملڪ شبير ۽ علي محمد ولد محمد جمن کي ٽينڪر نمبر MII-3171, K-6352, JV-5434 سميت گرفتار ڪري لاڳاپيل سعيد آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ جوابدار غير قانوني طور واٽر بورڊ جون لائينون ٽوڙي انڊر گرائونڊ واٽر ٽينڪن ۾ پاڻي گڏ ڪري ۽ تلاءَ ۽ کڏن ۾ گڏ ٿيل آلوده ۽ غيرصحتمند پاڻي ٽينڪرن ذريعي شهر جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا هئا، ان موقعي تي صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ چيو تہ شھرين جي حصي جو پاڻي چوري ۽ آلوده پاڻي وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وڌائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي طرف وائيس چيئرمين واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن، کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندي آپريشن جو دائرو شهر جي مختلف علائقن تائين وڌايو وڃي.










