بوزداروڏا (ن س) ڪنب بوزداروڏا لنڪ روڊ تي برسات متاثرين شيخ محلا ميگھواڙ محلا جي رهواسين جو سندن گهرن مان گذريل چئن هفتن کان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو ثناء اللہ پنهيار امداد شيخ قيصر ميگهواڙ جي اڳواڻي ۾ ڪنب بوزدار وڏا لنڪ روڊ تي ٽائرن کي ساڙي نٽڻ اس تي معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي متاثرين پاران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تقريبن هڪ مهيني کان مٿي عرصو گذري ويو آهي ته اسان گهرن کان بي گهر ٿيل آهيون ۽ اسان جي گهرن ۾ پنج ڇهن فٽ پاڻي بيٺل آهي ۽ اسان چئن هفتن کان روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهيون اسان جي ڪنهن به چونڊيل نمائندن سار ناهي لڌي هنن چيو ته نه اسان کي راشن مليو آهي نه ڪير لڙي آيو آهي نه ڪا ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي آهي برسات جي گندي پاڻي سبب وبائي بيمارين ڪر کنيو آهي جنهن سبب ڪيترين ئي بيمارين جنم ورتو آهي جنهن سبب وڏا توڙي ننڍا معصوم ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن هنن تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان جي ڳوٺن ۽ محلن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري ڏنو وڃي ن ت ٻئي صورت ۾ اسين ڊي سي خيرپور ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن جي آفيسن ۽ سندن گهرن اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويندو.










