گهارو (بشام جوکيو) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون ٿيڻ سبب 72 انچ پاڻي جي فراهمي جي مين لائن ڌماڪي سان ڦاٽي وئي آهي جنهن ڪري ڪراچي جي ملير ۽ گلشن حديد ۽ آس پاس جي علائقن کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. لائن ڦاٽڻ بعد پاڻي مين نيشنل هائي وي ۽ پمپ هائوس ماڊل ٽائون جي علائقي ڏانهن وڌڻ لڳو آهي ڪراچي کي پاڻي سپلائي جي لائن ڪافي پراڻي هجڻ ڪري مهيني ۾ ڪيترائي دفعا بجلي جي بريڪ ڊائون ٿيڻ ڪري ڦاٽي ٿي. لاڳاپيل انجنيئر جو چوڻ آهي ته بحالي لاءِ ڪم هلي پيو پر ان ۾ 3 ڏينهن لڳي ويندا.










