مٺي (ن سنڌيار)ڪلوئي رڻ شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آبادگار هاري پريشان زرعي پاڻي جي کوٽ سبب زمينون بنجر بڻجي ويون جانور ۽ پکي بـ اڃ مرڻ تي لڳا نارا ڪئنال جي منڍ جي بااثر زميندارن ايريگيشن جي عملدارن جي مدد سان لکين روپين جي ڳري رشوت عيوض پاڻي جي چوري ڪرائڻ لڳا پاڻي جي هٿرادو کوٽ جي خلاف آبادگارن عثمان هالو قيوم راهو علي محمد وهنداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي متاثر آبادگارن احتجاج ڪندي چيو ت ايريگيشن عملو اسان سان هٿ سان ظلم ڪري رهيو آهي فقط هڪ ايماندار آفيسر ڊاريڪٽر منصور ميمڻ آھي جيڪو اڪيلو آھي باقي ايرگيشن واران مٿي ميرپور نارا منڍ ۾ بااثرن کي هٿ سان پاڻي وڪرو ڪري اسان کي ڪروڙين روپين جو نقصان ڏئي رهيا آهن ۽ اسان وٽ چوپايو مال ب اڃ مري رهيو آهي متاثر آبادگارن احتجاج ڪندي ايريگيشن انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي رڻ شاخ ۾ پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي ٻي صورت ۾ سڀ آبادگار گڏجي ميرپورخاص ڊاريڪٽر نارا ڪئنال آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين










