ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) ايس ايڇ او بلڙي شاه ڪريم ڪاشف عباس خواجه گشت دوران ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي مختلف هنڌن مان پاڻي واريون مشينون چوري ڪندڙ ٽولو جيڪي چنگچي رڪشا تي پاڻي واري مشين چوري ڪري وڃي رهيا هئا پوليس کين روڪيو ته جوابدار پوليس کي ڏسي 2 چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا باقي انهن جو هڪ ساٿي موسو عرف پوڙھو سمون پڪڙجي پيو. تلاشي دوران پوڙھي سمي وٽان هڪ عدد ديسي پستول ۽ 3 ڪارتوس پڻ برآمد ڪري ورتا. جڏھن ته پاڻي واري لفٽ مشين چنگچي رڪشا ۽ پستول پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي چور کي گرفتار ڪري مٿس سنڌ آرمس ايڪٽ 231Aتحت ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو.










