پاڪستان ون ڊي سيريز ۾ سريلنڪا کي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

پاڪستان ون ڊي سيريز ۾ سريلنڪا کي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽئين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي سيريز 0-3 تان کٽي ورتي. سريلنڪا پاڪستان کي 212 رنسن جو هدف ڏنو هو. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. مهمان ٽيم 46 اوورن ۾ 211 رنسن تي ڍير ٿي وئي. سديرا سمارا وڪراما 48 رنسون، ڪوشل مينڊس 34 رنسون، ڪمل مشرا 29 ۽ پون رتنائڪي 32 رنسون اسڪور ڪيون. پاڪستان جي محمد وسيم جونيئر 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته حارث رئوف ۽ فيصل اڪرم 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان سريلنڪا پاران ڏنل 212 رنسن جو هدف 32 بال باقي رهي 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. هدف جي تعاقب ۾، پاڪستاني بيٽسمينن احتياط سان پر اثرائتي بيٽنگ ڪئي، خطرن کان پاسو ڪيو. فخر زمان ۽ بابر اعظم 74 رنسن جي اهم ڀائيواري قائم ڪئي، جنهن هدف کي مضبوط ڪيو. آخري مرحلن ۾، محمد رضوان 61 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته حسين طلعت 42 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ ناٽ آئوٽ رهيو. ميچ جو فيصلو 44 هين اوور ۾ ٿيو جڏهن حسين طلعت ٿيڪشنا جي بالنگ تي شاندار 4 رنسون ٺاهيون، جنهن سان پاڪستان کي سيريز ۾ فيصلو ڪندڙ فتح ملي. پاڪستان ميچ 6 وڪيٽن سان کٽي سيريز ۾ وائيٽ واش مڪمل ڪيو. هي سريلنڪا خلاف پاڪستان جي ٽئين ڪلين سوئيپ سيريز آهي. حارث رئوف کي پاڪستان-سريلنڪا ون ڊي سيريز لاءِ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيريز جي آخري ميچ ۾ 4 تبديليون ڪيون، فيصل اڪرم، شاهين آفريدي، فهيم اشرف ۽ حسيب الله کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو. سريلنڪن ٽيم جو ڪپتان چارٿ اسالنڪا بيمار ٿي پيو، جنهن جي ڪري اڄ جي ميچ ۾ ڪوسل مينڊس ٽيم جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو