پاڪ ڀارت ميچ جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيندو، رميز راجا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته لڳي ٿو ته پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ سپر اوور ۾ ويندو ۽ ان ۾ پاڪستان فتح حاصل ڪندو. اهڙو اظهار هن هڪ يونيورسٽي ۾ شاگردن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ وڏو آهي ان جي چونڊ جو مسئلو آهي، سليڪشن جا پرابلم آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ٽيم اهڙي هجڻ گهرجي جنهن تي سڀني کي اعتماد هجي ته هي تيم ورلڊ ڪپ کٽيندي ۽ اسين ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو