پاڪ نيوي جا مڪران ڪوسٽ لڳ ڪامياب ميزائيل تجربا

پاڪ نيوي جا مڪران ڪوسٽ لڳ ڪامياب ميزائيل تجربا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان نيوي مڪران ڪوسٽ لڳ ميزائيل فائر ڪرڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا. نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ميزائيل فائرنگ جي ڪامياب تجربن جو معائنو ڪيو ۽ نيوي جي انجنيئرز ۽ ٽيڪنيشنز کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته پاڪ نيوي سامونڊي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي.

نيوي جي ترجمان موجب هيلي ڪاپٽر، سامونڊي جهاز ۽ آبدوز مان ميزائيل فائر ڪيا ويا جن ڪاميابي سان پنهنجي ٽارگٽ کي تباهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو