راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي، هو ڪور ڪمانڊر راولپنڊي طور ڪم ڪري رهيو هو، ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي نئون ڪور ڪمانڊر راولپنڊي مقرر ڪيو ويو، ليفٽيننٽ جنرل محمد چراغ حيدر کي نئون ڪور ڪمانڊر ملتان مقرر ڪيو ويو جتان ليفٽيننٽ جنرل محمد اشرف ملڪ کي بدلي ڪري ڊي جي جوائنٽس چيفس آف اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي،










