ليکڪ ; زاهد حسين
بلوچستان جي شهر پسني ۾ آمريڪا کي بندرگاهه اڏڻ جي آڇ واري فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ کي رد ڪندي، پاڪستان جي سينيئر سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙيون ڳالهيون جيڪڏهن ٿيون به آهن ته اهي صرف جاچ پرک يا تجربي واري نوعيت جون هيون، نه ڪي ڪنهن به رياستي قدمن جو حصو هيون. بهرحال، هن معاملي ڪيترائي سوال اٿاريا آهن.
فائنانشل ٽائمز موجب، اها تجويز ڪجهه آمريڪي عملدارن سان آرمي چيف جي وائٽ هائوس ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات کان اڳ شيئر ڪئي وئي هئي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته آرمي چيف جا مبينه “مشير” (جن بابت پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته آرمي چيف وٽ ڪي به سرڪاري حيثيت ۾ مشير موجود نه آهن) آمريڪن سان عربي سمنڊ تي هڪ بندرگاهه تعمير ڪري هلائڻ جي تجويز تي ڳالهيون ڪيون هيون.
فائنانشل ٽائمز موجب، تجويز هيءَ آهي ته آمريڪي سيڙپڪار پَسني ۾ هڪ بندرگاهه تعمير ۽ مئنيج ڪن، جنهن سان پاڪستان جي ناياب معدنيات واري شعبي تائين رسائي حاصل ٿئي. اهو هڪ انتهائي حساس معاملو آهي، جيڪو پاڪستان جي پرڏيهي ۽ قومي سلامتي پاليسي سان سڌو تعلق رکي ٿو.
جيڪڏهن اها خبر بي بنياد آهي ته فائنانشل ٽائمز جي رپورٽ کي حڪومت ۽ فوجي قيادت کي واضع ۽ عوامي طور تي رد ڪرڻ گهرجي، ڇوته رپورٽ ۾ خاص طور تي فوجي قيادت جو نالو به آيو آهي. اڃا تائين حڪومت، بشمول پرڏيهي وزارت، پاران آمريڪي عملدارن يا خانگي ڪمپنين سان تجويز ڪيل بندرگاهه بابت ڳالهين جي ڪا با ضابطه ترديد جاري نه ڪئي وئي آهي. رڳو بي نامي سيڪيورٽي ذريعن مخصوص ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته رپورٽ سرڪاري پاليسي يا فوجي موقف جي نمائندگي نٿي ڪري.
پَسني بابت اڀريل سوال
ميڊيا رپورٽن موجب رياستي ڊجيٽل پليٽفارم PTV پڻ انهن ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته “خانگي ڪمپنين سان ڳالهيون صرف جاچ پرک واري نوعيت جون هيون، سرڪاري قدم نه هيون ۽ پَسني جي سيڪيورٽي ڪنهن به پرڏيهي قوت جي حوالي ڪرڻ جو ڪو منصوبو ناهي.” پر هيءَ بي نامي وضاحت وڌيڪ سوال پيدا ڪري ٿي. جيڪڏهن واقعي آمريڪي خانگي ادارن سان بندرگاهه بابت جاچ پرک واري سطح تي گفتگو ٿي آهي، ۽ سيڪيورٽي ذريعا چون ٿا ته اهو سرڪاري قدم نه هو، ته پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر اهو قدم ڪنهن جو هو؟ اهڙي حساس معاملي تي “خانگي” ڳالهه ٻولهه، حڪومت جي منظوري کان سواءِ، ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
فائنانشل ٽائمز جي رپورٽ جا تفصيل
رپورٽ موجب، اخبار وٽ “دليرانه منصوبو” ڏٺو ويو آهي، جنهن مطابق بندرگاهه جي تعمير جو خرچ 1.2 بلين ڊالر تائين ٿي سگهي ٿو، ۽ مالي ماڊل پاڪستاني وفاقي ۽ آمريڪي ترقياتي فنڊنگ جي ميلاپ تي ٻڌل هو. رپورٽ موجب: “اهو منصوبو انهن ڪيترن ئي خيالن مان هڪ آهي، جيڪي پاڪستاني عملدارن طرفان ٽرمپ انتظاميا سان لاڳاپا جاري رکڻ لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن.” انهن دعوائن تي پاڪستاني ذريعن جي واضح رد عمل نه آيو آهي.
پَسني جي اهميت ۽ خطي تي اثر
پَسني بلوچستان جو هڪ ننڍڙو ساحلي شهر آهي، جيڪو نيول ايئر بيس ۽ فوجي هوائي اڏي طور ڪم ڪري ٿو. تجويز ڪيل بندرگاهه حڪمتِ عملي طور انتهائي اهم آهي، پَسني چين جي مدد سان ٺهيل گوادر بندرگاهه کان لڳ ڀڳ 110 ڪلوميٽر ۽ ايران جي سرحد کان رڳو 160 ڪلوميٽر پري آهي. جيڪڏهن اهو بندرگاهه آمريڪا جي حوالي ڪيو وڃي ته هو ان کي تعمير ڪري ۽ هلائي، ته ان جا سنگين جيو-سياسي نتيجا نڪرڻ جا امڪان آهن، نه صرف پاڪستان لاءِ پر پوري خطي لاءِ.
معدنيات ۾ آمريڪي دلچسپي
اهو بندرگاهه وارو خيال آمريڪا جي پاڪستان جي معدنيات واري شعبي ۾ دلچسپي سان ڳنڍيل آهي، خاص طور تي نادر زميني معدنيات (Rare Earth Minerals)، جيڪي اليڪٽرڪگاڏين، قابل تجديد توانائي، اليڪٽرانڪس ۽ دفاعي نظام ۾ استعمال ٿين ٿيون. اهي معدنيات پاڪستان-آمريڪا نون لاڳاپن جو هڪ اهم محور بڻجي چڪيون آهن. صدر ٽرمپ کي وائٽ هائوس ۾ پاڪستاني سول ۽ فوجي قيادت طرفان نادر معدنيات جو نمونو به پيش ڪيو ويو هو.
آمريڪي ڪمپني ۽ پاڪستاني فوجي اداري جو MoU
ميزوري (Missouri) ۾ قائم US Strategic Metals نالي ڪمپني تازو ئي پاڪستان جي فوجي انجنيئرنگ ادارن سان هڪ مفاهمتي يادداشت (MoU) تي صحيون ڪيون آهن، جنهن جو مقصد سهڪار وڌائڻ ۽ هڪ ريفائنري قائم ڪرڻ آهي. پاڪستان تازو ئي نادر معدنيات جي پهرين محدود مقدار آمريڪا ڏانهن موڪلي آهي، جنهن ۾ ٽامي (Copper)، اينٽي موني (Antimony) ۽ نيئوڊيميم (Neodymium) شامل هئا.
اهو نمونو فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (FWO) سان گڏجي تيار ڪيو ويو. ان کي پاڪستان-آمريڪا اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۾ هڪ سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪو معدنيات جي شعبي ۾ مڪمل تعاون جو روڊ ميپ ٺاهي سگهي ٿو. پر اهڙي سيڙپڪاري سان گڏ، احتياط جي ضرورت به آهي، خاص طور تي اهڙي اسٽريٽجڪ علائقي ۾ جتي پرڏيهي مفاد گهڻا آهن.
بلوچستان ۽ خطي جي حساس صورتحال
انهن نادر معدنيات جو وڏو حصو بلوچستان ۽ اتر-اولهه قبائلي علائقن ۾ موجود آهي، جتي گذريل ڪيترن سالن کان چيني سيڙپڪاري جا منصوبه هلن پيا. هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي ڪمپنيون اچي ويون ته ڇا اها ڳالهه چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ نئين ڇڪتاڻ جو سبب نٿي بڻجي سگهي؟ پاڪستان جو چين سان ڏهاڪن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ ڀائيواري وارو رشتو آهي، جيڪو هاڻي اقتصادي سطح تي به گهرو ٿي چڪو آهي.
ٻئي طرف، پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا تاريخي طور تي لاهن چاڙهن وارا رهيا آهن.
بهتر وقتن ۾ به اهو رشتو گهڻو ڪري ٽرانزيڪشنل (فائدي تي ٻڌل) رهيو آهي، ۽ گذريل ڪجهه سالن کان غير فعال هو. هاڻي جڏهن واشنگٽن جو موڊ تبديل ٿي رهيو آهي، پاڪستان کي ان مان فائدو ضرور وٺڻ گهرجي، پر ٽرمپ انتظاميا جي غير يقيني مزاج کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
حڪومت جي خاموشي ۽ شفافيت جي ضرورت
انهن حقيقتن جي پس منظر ۾ فائنانشل ٽائمز جي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، ۽ ان تي حڪومت جي خاموشي وڌيڪ ڳڻتي وڌائي ٿي. اهو انتهائي ضروري آهي ته ملڪ جا سڀ پرڏيهي معاهدا پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا وڃن، جيئن انهن ۾ شفافيت ۽ قومي مفادن جي حفاظت يقيني بڻائي سگهجي.(نوٽ هي مضمون ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. سنڌيار سٿ).
📧 zhussain100@yahoo.com
X (Twitter): @hidhussain










