پاڪستان 4 سالن ۾ گهڻو نقصان برداشٽ ڪيو:بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان 4 سالن ۾ گهڻو نقصان برداشٽ ڪيو:بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو(ن سنڌيار)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان گذريل چئن سالن ۾ عالمي سطح تي تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي.لاڙڪاڻي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان معاشي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري سبسڊي جي نالي تي راند کيڏي، چونڊيل نمائندن جي غلط پاليسين سبب ملڪ کي معاشي نقصان پهتو، ملڪي معيشت کي نقصان کان بچايو ويو.بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان پاڪستان کي ديوال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، هن آءِ ايم ايف سان غلط معاهدو ڪيو، اسان واپار چاهيون ٿا، بهڪ نه گهرنداسين، اها ئي اسان جي پرڏيهي پاليسي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو