ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ 21 کان 25 سيپٽمبر تائين پوليو مهم شروع ٿي وئي آهي. مهم دوران 4 ڪروڙ ٻارن جي ويڪسينيشن ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ فيبروري بعد پهرين مهم آهي جيڪا جمعي تائين جاري رهندي. هلندڙ سال پاڪستان ۾ 73 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ ۾ ٻاويهه ٻاويهه، بلوچستان ۾ 20 ۽ پنجاب ۾ 9 ڪيس شامل آهن. گذريل سال ملڪ ۾ 147 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. هي مهم اهڙي وقت هلي رهي آهي جڏهن آفريڪا پوليو فري ٿي چڪو آهي. عالمن فتوي ٰ جاري ڪئي آهي ته پوليو ويڪسين حلال ۽ هر ٻار لاءِ ضروري آهي. ڪراچي انتظاميا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ ڪمشنر ڪراچي سهيل راجپوت بلديه ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر چيو ته پوليو کي روڪڻ واري مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ نگراني سسٽم کي موثر بڻايو ويو آهي، 22 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاوءَ جي ويڪسين ڪئي ويندي 6 هزار پوليو ٽيمون مهم ۾ حصو وٺي رهيون آهن. هن چيو ته مهم دوران ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. مهم ۾ شامل ورڪر ماسڪ ۽ هٿن لاء سينيٽائيزر استعمال ڪندا. ڪمشنر چيو ته پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ سپر هاءِ ويز يونين ڪائونسلن ۾ گڏيل ۽ ترجيحي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته وائرس جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن ۽ پوليو جي خاتمي جو مقصد حاصل ڪيو وڃي جڏهن ته حدن کان مقرره مهيني واري مهم کانپوءِ به هن چيو آهي ته هو ذاتي طور تي انهن علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺندو ۽ ماڻهن سان ملندو. سمورن ڊپٽي ڪمشنر کي پنهنجن علائقن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ حساس يونين ڪائونسلن ۾ ترجيحي قدم کڻڻ ، ڪميونٽي جي ميمبرن سان رابطو ۽ پڪ ڪرڻ گهرجي ته هر علائقي جي گهر گهر ٽيمون پهچن. ڪمشنر والدين کي به اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيمن سان تعاون ڪن ۽ هر وقت پوليو جا ڦڙا پيارن ، ڇاڪاڻ ته انهن جي ٻارن جو مستقبل ان تي منحصر آهي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل