اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل 3 سالن دوران سرڪاري ادارن جي 3 هزار 500 ڪرپٽ ملازمن کي گرفتار ڪيو ويوآهي. رپورٽ موجب ڪرپشن ۾ ملوث 8 هزار 784 ملازمن خلاف انڪوائريز شروع ڪيون ويون، جن مان 3 هزار 479 ڪيس داخل ڪيا ويا. رپورٽ موجب 2 هزار 206 ڪرپشن ڪيس داخل ڪري ملزمن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 3 سالن دوران ڪرپشن ۾ ملوث 432 ملازمن کي عدالتن سزا ڏني آهي. هلندڙ سال 2025 جي شروعاتي 3 مهينن، جنوري کان مارچ تائين، ڪرپشن ۾ ملوث 263 سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هلندڙ سال جي شروعاتي ٽن مهينن ۾ 762 انڪوائريز کان پوءِ 185 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن مان جنوري کان مارچ 2025 دوران ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي 16 ملازمن کي سزا ڏني وئي. واضح رهي ته هلندڙ سال فيبروري ۾ جاري ٿيندڙ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس (CPI) 2024 ۾ پاڪستان جي درجه بندي 2 درجا هيٺ ٿي، جيڪا 2023 ۾ 133 هئي، هاڻي 180 ملڪن مان 135هين نمبر تي اچي وئي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب، CPI دنيا جي ملڪن ۾ عوامي شعبي ۾ ڪرپشن جي سطح مطابق 0 (سخت ڪرپٽ) کان 100 (تمام صاف شفاف) جي اسڪيل تي ملڪن کي درجو ڏئي ٿو.










