پاڪستان ۾ موبائل سمون  جاري ڪرڻ جو طريقو تبديل

پاڪستان ۾ موبائل سمون جاري ڪرڻ جو طريقو تبديل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ جعلسازي ۽ فراڊ کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۽ موبائيل ڪمپنين جي سهڪار سان سمز جاري ڪرڻ جو طريقو تبديل ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي اي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موبائل سم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙن جي فنگر پرنٽس جي تصديق پاڻمرادو سسٽم تحت ڪئي ويندي، هن وقت تائين موبائيل سمز آپريٽر استعمال ڪندڙ کي هدايت ڪندا هئا ته مشين تي هڪ خاص آڱر رکي ۽ مشين ان آڱر جي تصديق ڪرڻ بعد صارف کي اجازت ڏئي ٿي.جڏهن ته هاڻي موبائيل سمز آپريٽر صارف کي ڪا به هدايت نه ڏيندو پر صارف پاڻ هر آڱر کي مشين تي رکندو ۽ مشين پاڻمرادو هڪ مخصوص آڱر جي سڃاڻپ ڪندي ۽ صارف کي سم لاءِ اهل قرار ڏيندي.ان طريقي تحت مشين استعمال ڪندڙ جي ٻنهي هٿن جي آڱرين کي اسڪين ڪندي ۽ انگن ۽ ٻن آڱرين جي تصديق ڪرڻ کانپوءِ صارف سم لاءِ اهل هوندو.نئين سسٽم تحت موبائل سم آپريٽر يا ڪنهن ٻئي جو ڪو به ڪردار نه هوندو، جيڪڏهن ڪنهن صارف کي مشين جي آڱرين کي اسڪين ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي يا صارف جي فنگر پرنٽس جي تصديق نه ٿي سگهي ته صارف کي سم ڪارڊ جاري نه ڪيو ويندو. مٿي ڄاڻايل طريقيڪار PTA پاران نادرا ۽ موبائل سروس فراهم ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان کي هن وقت تائين جو بهترين طريقيڪار قرار ڏنو پيو وڃي.نادرا، پي ٽي ايز ۽ موبائيل سروس فراهم ڪندڙن سان گڏ، اميد ڪري ٿو ته مٿيون عمل موبائل سمن جي جاري ڪرڻ ۾ جعلسازي يا فراڊ کي روڪيندو.نئين سسٽم کي ’ملٽي فنگر بايوميٽرڪ ويريفڪيشن سسٽم‘ (ايم بي وي ايس) جو نالو ڏنو ويو آهي جڏهن ته اڳ ۾ لاڳو ڪيل سسٽم کي ’بائيو ميٽرڪ ويريفڪيشن سسٽم‘ (BVS) چيو ويندو هو.سم ڪارڊ جاري ڪرڻ جي نئين طريقيڪار جو افتتاح 23 ڊسمبر تي ڪيو ويو ۽ فوري طور تي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو