پاڪستان ۾ سراسري مهانگائي ساڍا 8 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو

پاڪستان ۾ سراسري مهانگائي ساڍا 8 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) روان مالي سال 27-2026ع ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي حڪومت جي مقرر ڪيل حدف ۽ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ (مهانگائي 8 ڏهائي 4 سيڪڙو) رهڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. تنهن هوندي به آءِ ايم ايف ايندڙ چئن مالي سالن دوران مهانگائي روان مالي سال کان گهٽ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها اڳڪٿي آءِ ايم ايف پاڪستان بابت پنهنجي ڪنٽري رپورٽ ۾ ڪئي آهي.آءِ ايم ايف وڌيڪ مسلسل پنجن سالن تائين پاڪستان ۾ سراسري مهانگائي سنگل ڊيڄٽ (هڪ انگسي هندسي) ۾ رهڻ جو ڪاٿو پڻ لڳايو آهي. گذريل ٻن مالي سالن دوران پاڪستان ۾ سراسري مهانگائي سنگل ڊيڄٽ ۾ رهي ۽ آءِ ايم ايف وڌيڪ مسلسل 5 سالن تائين پاڪستان ۾ مهانگائي سنگل ڊيڄٽ ۾ رهڻ جو ڪاٿو لڳايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو