پاڪستان ۾ دهشتگردي جو خطرو، ٿريٽ الرٽ جاري

پاڪستان ۾ دهشتگردي جو خطرو، ٿريٽ الرٽ جاري

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن وفاقي ۽ چئني صوبائي حڪومتن کي خبردار ڪيو آهي ته اهم جاين تي دهشتگردي جو خطرو آهي ان ڪري آس پاس جي ماحول تي ڪڙي نظر رکي وڃي. 31 جنوري تي جاري ڪيل ‘ٿريٽ الرٽ 13’ موجب افغانستان بيسڊ دهشتگرد هوائي اڏن، تعليمي ادارن، تجارتي مرڪزن، عدالتن، سرڪاري عمارتن، مدرسن ۽ اهم مذهبي جاين کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. گيس ٽئنڪر يا سوزوڪي وين ۾ بارود ڀري ميگنيٽڪ ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڌماڪي جي منصوبه بندي ڪئي وئي آهي. سنڌيار وٽ ان خط جي ڪاپي موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو