پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي: آءِ ايم ايف

پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ورلڊ اڪنامڪ آئوٽلڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.آءِ ايم ايف جي ورلڊ اڪنامڪ آئوٽلڪ رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي، مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جا هدف هن سال پورا نه ٿيندا. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هلندڙ سال مهانگائي 11.2 سيڪڙو جي ٻٽي انگ ۾ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته حڪومت سراسري مهانگائي جو ساليانو هدف 8 سيڪڙو مقرر ڪيو هو.ان کان علاوه ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 5.3 سيڪڙو تائين پهچي ويندو جڏهن ته هدف 0.7 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو، ٻئي طرف ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو لڳ ڀڳ 19 ارب ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف موجب گذريل مالي سال جي ڊي پي جي واڌ 5.6 سيڪڙو هئي، جڏهن ته معاشي ترقي جي شرح هن سال 4.8 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 4.2 سيڪڙو جي هدف جي مقابلي ۾ 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جي ورلڊ اڪنامڪ آئوٽلڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح گذريل سال 7.4 سيڪڙو هئي، جيڪا هن سال 7 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 6.7 سيڪڙو هئي.رپورٽ موجب يوڪرين-روس جنگ عالمي انساني بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي، تڪرار عالمي معيشت کي سست ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي شين جي قيمتن، واپار ۽ مالي وسيلن تي ناڪاري اثر پيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو