پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو

پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ماهرن جو چوڻ آهي ته 2017 کان پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن.طبي ماهرن موجب پاڪستان ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ ايڇ آءِ وي پازيٽيو آهي، جن ضلعن ۾ مردن ۾ ايڇ آءِ وي تي ضابطو ناهي انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته غير محفوظ رت جي منتقلي، منشيات جي عادي ماڻهن جو استعمال ٿيل سرنج جو ٻيهر استعمال يا احتياطي تدبيرن کان سواءِ استعمال ٿيل طبي سامان ايڇ آءِ وي جي ڦهلجڻ جا بنيادي سبب آهن.ماهرن جو چوڻ هو ته ايڊز لاعلاج نه آهي پر ان کان بچي سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي کان متاثر ماڻهن لاءِ صحت جي ناقص سهولتن ۽ دوائن جي کوٽ جهڙن مسئلن جو بروقت حل يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو