بيلجيئم (ويب ڊيسڪ)يورپي يونين پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻنهي طرفن کي صبر کان ڪم وٺڻ جي تلقين ڪئي آهي. اها ڳالهه يورپي پرڏيهي معاملن جي سربراهه ڪاجا ڪلاس اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن سان فون تي ڳالهائيندي چئي.پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ايڪس تي رپورٽ ڪندي، يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي ڪمشنر، ڪجا ڪلاس، چيو ته هن اڄ پاڪستاني پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ هندستان جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر جيشنڪر سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾، هن چيو ته پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ پريشان ڪندڙ آهي، مان ٻنهي طرفن کي صبر کان ڪم وٺڻ ۽ صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڳالهيون جاري رکڻ جي تلقين ڪريان ٿي.هن وڌيڪ چيو ته وڌندڙ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مدد نه ڪندي.










