تاشقند(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻطرفو واپار 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙو اتفاق وزيراعظم شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت ميرزييووف ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم شهاز شريف اڱاري تي شام جو آذربائيجان جو ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪرڻ بعد تاشقند پهتو هو جتي تاشقند ڪانگريس سينٽر ۾ استقبال گارڊ آف آنر سان ڪيو ويو، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو ويو. پاڪستان ۽ ازبڪستان واپاري ۽ اقتصادي تعاون ذريعي لاڳاپا مضبوط ڪيا آهن. 2023 ۾ هڪ ارب ڊالر جو واپاري معاهدو ڪيو هو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ ٻه طرفي تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ رابطا، اقتصادي، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي، علائقائي استحڪام ۽ تعليم شامل آهن.










