پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي عملدارن وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين حڪومت جي عهديدارن سان ڳالهيون سڀاڻي واشنگٽن ۾ شروع ٿينديون جڏهن ته اسلام آباد جون اهم حڪومتي شخصيتون ڳالهين ۾ حصو وٺنديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي جو به اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي، ڳالهين دوران آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي قسط ڏيڻ جو فيصلو ڪندو. ذريعن موجب ڳالهين ۾ نئين حڪومت تي آءِ ايم ايف جي خدشن سان گڏوگڏ سبسڊيز، ايمنسٽي ۽ نون شرطن تي به غور ڪيو ويندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ 6 مهينا ضايع ڪيا، معاشي استحڪام موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو