پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون شروع

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون شروع

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر واشنگٽن ۾ آهي جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل آن لائين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.رپورٽن مطابق آءِ ايم ايف سان ايندڙ بجيٽ تي ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف کي 7 هزار ارب رپين جي ٽيڪس وصولي بابت آگاهه ڪيو ويندو.رپورٽن مطابق پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جي شرط تي پاڪستان کان رعايت طلب ڪئي ويندي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون 24 اپريل تائين جاري رهنديون، ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ڊالر حاصل ڪري سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو