پاڪستان: ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

پاڪستان: ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي مرض جا 4 مريض فوت ٿي ويا آهن.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 52 هين نمبر تي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 1.80 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ وڌيڪ 242 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 115 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 586 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 69 هزار 537 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 455 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 1 لک 42 هزار 523 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ٿي ويو ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر ڪجهه ڏينهن جي لاٿ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر رپئي جي مقابلي ۾ مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر 15 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 15 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 218 رپيا 75 پئسا ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو