ميرپور(ويب ڊيسڪ)ٽن هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز جي آخري ۽ فيصلائتي ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 11 رنز تان شڪست ڏئي سيريز 1–2 تان کٽي ورتي. ميرپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
بنگلاديش پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 291 رنز جو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم آخري بال تي 279 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
ميزبان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 290 رنز ٺاهيون. بنگلاديش جي تنزيد حسن 107 رنز جي بهترين اننگز کيڏي، جڏهن ته لٽن داس 41، سيف حسن 36 ۽ نجمل حسين شانتو 27 رنز ٺاهيون، جڏهن ته توحيد 44 رنز جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان حارث رئوف 3 رانديگر آئوٽ ڪيا، جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ ابرار هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستاني ٽيم شروعات کان ئي ڏکيائين جو شڪار رهي، پر سلمان آغا جي شاندار سينچري سبب ٽيم فتح جي ويجهو ته پهتي، پر ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي.
پاڪستاني ٽيم 291 رنز جي هدف جي تعاقب ۾ آخري بال تي 279 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
سلمان علي آغا 106 رنز جي بهترين اننگز کيڏي، جنهن دوران هن 9 چوڪا ۽ 4 ڇڪا هنيا. ان کان علاوه سعد مسعود 38، شاهين آفريدي 37 ۽ عبدالصمد 34 رنز ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان تسڪين احمد 4، مستفيضرحمان3 ۽ ناهيد رانا 2 وڪيٽون ورتيون.
ياد رهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ کيڏيل ون ڊي سيريز ۾ بنگلاديش کي 11 سالن بعد ڪاميابي ملي آهي.
بنگلاديش خلاف ٽئين ون ڊي لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ صاحبزاده فرحان، معاذ صداقت، غازي غوري، محمد رضوان، سلمان آغا، عبدالصمد، سعد مسعود، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، حارث رؤف ۽ ابرار احمد شامل هئا.










