اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 9 مهينن ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. ايف بي آر موجب جولاءِ کان مارچ تائين 4382 ارب روپيا ٽيڪس وصول ڪيا ويا. ايف بي آر موجب ٽيڪس وصولي هدف کان 247 ارب رپيا وڌيڪ آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو هو ته هلندڙ مالي سال جو ٽيڪس ٽارگيٽ 5800 ارب آهي پر اسين 6 هزار ارب کان مٿي ٽيڪس گڏ ڪنداسين.










