لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران پي ايس ايل سبب ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ملتوي ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پاڪستان فيبروري ۾ ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز کيڏڻ وارو آهي جنهن ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون شامل آهن.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن سان ٽڪراءَ ۾ آهي، پي ايس ايل لاءِ ونڊو 12 فيبروري کان 10 مارچ تائين مقرر ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب پي سي بي پي ايس ايل سان ٽڪراءَ ۽ اپريل جي وچ ۾ رمضان کانپوءِ هوم سيريز شروع ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي پي ايس ايل ونڊو لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن.ذريعن موجب پي سي بي آءِ ايل ٽي 20 جي شيڊول لاءِ امارات ڪرڪيٽ بورڊ سان به رابطو ڪيو آهي ۽ شيڊول کان 10 ڏينهن اڳ ليگ شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي پنهنجي رانديگرن کي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي 20 لاءِ اجازت ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو.










