پاڪستان ٽه ملڪي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان ٽه ملڪي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪرائس چرچ(ويب ڊيسڪ)بابر جي شاندار بيٽنگ، پاڪستان جي نيوزي لينڊ کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي پاڪستان 148 رنسن جو هدف آساني سان 19 هين اوور جي ٻي بال تي حاصل ڪري ورتو.ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان کي مقرر 20 اوورن ۾ 148 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.
نيوزيلينڊ جي اننگز:
نيوزيلينڊ طرفان فين ايلن ۽ ڊيون ڪنوي اننگز جي شروعات ڪئي.پاڪستان کي پهرين ڪاميابي محمد وسيم جونيئر ٽئين اوور ۾ فن ايلن جي صورت ۾ ڏني، جيڪو صرف 13 رنسون ٺاهي سگهيو.نيوزيلينڊ طرفان ڊيون ڪنوي 36، ڪپتان ڪين وليمسن 31، گلين فلپس 18، مارڪ چيپمين 32، جيمز نيشم 5، مائيڪل بريس ويل 0، ايش سوڌي 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.ان کان علاوه ٽم سائوٿي ۽ ٽرينٽ بولٽ بالترتيب 1 ۽ 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان طرفان فاسٽ بالر حارث رئوف شاندار بالنگ ڪئي، حارث 19 هين اوور ۾ ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ 4 اوورن ۾ 28 رنسون ڏنيون. ان کان علاوه محمد وسيم جونيئر ۽ محمد نواز 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته شاهنواز دستي هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو.
پاڪستان جي اننگز:
پاڪستان طرفان بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي، رضوان 12 بالن تي صرف 4 رنسون ٺاهي سگهيو.ڪپتان بابر اعظم 79 رنسن جي ناٽ آئوٽ ذميواراڻي اننگز کيڏي، مڊل آرڊر بيٽسمين شان مسعود بنا ڪو رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.چوٿين نمبر تي آل رائونڊر شاداب خان غير معمولي طور تي بيٽنگ ڪرڻ آيو. ان کانپوءِ محمد نواز آيو ۽ هن 19 بالن تي 16 رنسون ٺاهيون.بيٽسمين حيدر علي 2 بالن تي هڪ چوڪي ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 10 رنسون ٺاهي فاتح شاٽ کيڏي.پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو