پاڪستان وٽ خوراڪ جا مناسب ذخيرا آهن: وزيراعظم کي بريفنگ

پاڪستان وٽ خوراڪ جا مناسب ذخيرا آهن: وزيراعظم کي بريفنگ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ۾، خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال جي تناظر ۾ ملڪ جي خوراڪ جي ذخيرن ۽ خوراڪ جي برآمدات جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان ۾ خوراڪ جا ڪافي ذخيرا آهن ۽ ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ناهي.وزيراعظم هدايت ڪئي ته عالمي سپلاءِ چين جي اثر جي ڪري، خطي ۾ پاڪستاني شين جي برآمدات جا موقعا وڌي ويا آهن، تنهن ڪري هن صورتحال جو پورو فائدو ورتو وڃي.هن چيو ته خليجي ملڪن کي گهربل کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ۽ انهن جي خوراڪ جي حفاظت کي نظر ۾ رکيو وڃي.اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته پاڪستان وٽ زرعي شين، گوشت، پولٽري، ڊيري پراڊڪٽس ۽ سامونڊي کاڌي جي برآمد لاءِ وسيع موقعا آهن.وزيراعظم هدايت ڪئي ته خليجي ملڪن کي وافر مقدار ۾ کاڌي پيتي جي شين جي برآمد لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ۽ معيار کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي.وزيراعظم پي اين ايس سي کي هدايت ڪئي ته خليجي ملڪن کي کاڌي پيتي جي شين جي برآمد لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.اجلاس جي بيان موجب، وزيراعظم ان مقصد لاءِ هڪ خاص ڪميٽي جي قيام جي هدايت پڻ ڪئي جيڪا روزاني جي بنياد تي صورتحال جو جائزو وٺندي.ان کان علاوه، خليجي ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن ۽ واپاري آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي سرگرم رهن ته جيئن برآمدي موقعن مان پورو فائدو حاصل ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو