پاڪستان وري هارائي ويو، آسٽريليا پاران 41 رنز تان شڪست

لنڊن(م ڊ) آسٽريليا پاڪستان کي 41 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، آسٽريليا 49 اوورز ۾ 307 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. جڏهن ته پاڪستان 45.4 اوورز ۾ 266 تي آل آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جا 3 رانديگر زيرو تي آئوٽ ٿيا، جن ۾ اوپنر فخر، شعيب ملڪ ۽ عامر شامل آهن. عامر 30 رنز عيوض 5 رانديگر آئوٽ ڪري شاندار پرفارمنس پيش ڪئي. آصف علي 3 ڪيچ ڊراپ ڪرڻ سبب پريشر ۾ بيٽنگ به نه ڪري سگهيو ۽ پنج رنز تي آئوٽ ٿي ويو. امام الحق53، بابر اعظم 30، حفيظ 46، سرفراز 40، حسن علي 32، وهاب 45 ۽ شاهين آفريدي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪمنز 33 تي 3، اسٽارڪ 43 تي 2، رچردسن 62 تي 2، ڪولٽر نائيل 53 تي هڪ فنچ 13 تي هڪ ۽ ميڪسويل 58 رنز ڏئي به وڪيٽ نه وٺي سگهيو. ان کان اڳ ورلڊ چيمپيئن ڊفينڊر آسٽريليا تاريخي اوپننگ اسٽارٽ ورتو ۽ 146 رنز ٺاهيون، فنچ 82، وارنر جي زندگي جي پهرين سينچري 107، سمٿ 10، ميڪسويل 20، مارش 23، خواجا 18، ڪيري 20، ڪوٽلر2، ڪمنز2 رنز اسڪور ڪيون. عامر 30 تي پنج وڪيٽ وٺي پاڪستان کي گيم ۾ ٻيهر آندو پر بيٽسمين ناڪام ٿيا. شاهين شاهه 70 تي 2، حسن 67 تي هڪ، واب 44 تي هڪ، حفيظ 60 تي هڪ وڪيٽ ورتي. شعيب ملڪ زيرو رن جيان 26 رنز ڏيڻ تي وڪيٽ به زيرو ورتي. پاڪستان جي ايندڙ ميچ آچر 16 جون تي ڀارت سان ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو