پاڪستان وائٽ بال ڪرڪيٽ اسڪواڊ ڏکڻ آفريقا روانو

لاهور( ويب ڊيسڪ)پاڪستان وائٽ بال ڪرڪيٽ اسڪواڊ ڏکڻ آفريقا ٿي ويو جيڪو چارٽرڊ فلائٽ ذريعي اڄ جوهانسبرگ پهچندو.پاڪستان وائٽ بال اسڪواڊ جي 34 ڪارڪنن ۾ 21 رانديگر ۽ 13 ٽيم آفيشلز شامل آهن جڏهن ته کاٻي هٿ جو بيٽسمين سعود شڪيل ڄنگهه ۾ انجري سبب ڏکڻ آفريقا سيريز کان ٻاهر ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي آصف علي کي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏکڻ آفريقا ۾ 3 هڪ ڏينهن جا ۽ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻا آهن.ٽيسٽ اسڪواڊ جا 10 ڪارڪن 12 اپريل تي زمبابوي روانا ٿيندا جڏهن ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم آفريقا ۽ زمبابوي مڪمل ڪري 12 تي وطن واپس پهچندو.

پهنجو تبصرو موڪليو