ملتان( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ملتان ٽيسٽ ميچ ۾ هڪ منفرد رڪارڊ قائم ڪيو. ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالرن ٻنهي اننگز ۾ 371 بالون اڇلايون، جيڪو پاڪستان جو گهٽ ۾ گهٽ بالن سان ميچ کٽڻ جو رڪارڊ آهي. ان کان اڳ، پاڪستاني ٽيم بنگلاديش خلاف فتح ۾ گهٽ ۾ گهٽ بالون اڇلايون هيون. 2005 ۾ صرف ملتان ۾، بنگلاديشي بيٽسمين صرف 494 بالون اڇلايون. پاڪستان اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي پهرين اننگ ۾230 رنز ٺاهيون هيون، جن ۾ سعود شڪيل 83 ۽ محمد رضوان 71 رنز ٺاهي نمايان رهيا هئا. ويسٽ انديز جي فاسٽ بالر جيڊن سيلز ۽ اسپنر جوميل وريڪين 3،3 وڪيٽون ورتيون هيون. ويسٽ انڊيز پهرين اننگ ۾ 137 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي. پاڪستان ٻئي اننگ ۾ وڏو اسڪور ڪرڻ م ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 157 رنز تي ڍير ٿي وئي هئي. جنهن ۾ ڪپتان شان مسعود 52 ۽ محمد حريرا29 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ويسٽ انڊيز ٻئي اننگ ۾123 رنز تي ڍير ٿي وئي ۽ پاڪستان 127 رنز تان ٽئين ڏينهن ئي ميچ ختم ڪئي. جوميل وريڪين 7 وڪيٽون ورتيون. پهرين اننگ ۾ نعمان علي 5، ساجد خان 4 ۽ هڪ وڪيٽ ابرار ورتي هئي. ٻئي اننگ ۾ ساجد خان 5، ابرار احمد 4 ۽ نعمان علي هڪ وڪيٽ ورتي.










