واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن پاڪستان لاءِ انساني امداد جي اپيل ۾ 5 ڀيرا واڌ ڪري ڇڏي آهي.گڏيل قومن امدادي اپيل 16 ملين مان وڌائي 816 ملين ڊالر ڪري ڇڏي آهي، اها اپيل گڏيل قومن ۽ پاڪستان پاران گڏيل طور تي 4 آڪٽوبر (اڄ) جنيوا ۾ پيش ڪئي ويندي.پاڪستان لاءِ گڏيل قومن جي رابطا آفيسر جولين هارنس جنيوا ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان بدترين ٻوڏن کانپوءِ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيمارين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرين موت ۽ تباهي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن.جولين هارنس جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ صحت، خوراڪ، پاڻي ۽ صفائي جي ڪم ۾ مدد جي ضرورت آهي، جيڪڏهن پاڪستان حڪومت مدد نه ڪئي ته ٻارن جي بيمارين ۾ خوفناڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين 1700 ماڻهو ٻوڏ سبب فوت ٿي چڪا آهن.پاڪستان ۽ گڏيل قومن ان ٻوڏ کي موسمياتي تبديلي قرار ڏنو آهي.










