پاڪستان سي پيڪ حوالي سان فيصلا ڪرڻ ۾ خودمختار آهي؛ آمريڪا

لاهور (بيورو رپورٽ) آمريڪي سفير چيو آهي ته پاڪستان پاڪ چين اقتصادي راهداري سي پيڪ منصوبي جي حوالي سان ڪو به فيصلو ڪرڻ ۾ خودمختيار آهي. اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير پائول ڊبليو جونز جو چوڻ هو ته آمريڪي معاون سيڪريٽري ايلس ويلز طرفان سي پيڪ جي حوالي سان ڏنل بيان جو مقصد هڪ مباحثو شروع ڪرڻ هيو پر اهو پاڪستان کي مڪمل اختيار آهي ان بابت مستقبل ۾ خود پاڻ فيصلا ڪري. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ان ڳالهه جي توقع نه ٿا رکون ته سڀ ڪو اسان جي ڳالهه يا آمريڪي عهديدارن جي تقريري پهلوئن تي اتفاق ڪري. آمريڪي سفير تاريخي مسجد وزير خان جي بحالي بابت ڪم جو جائزو وٺڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايلس ويلز جي تقرير تي تمام گهڻو بحث ۽ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان کي ايلس ويلز جو بيان سمجهڻ گهرجي ۽ ان کي مثبت انداز ۾ وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان بيان جي مختلف پهلوئن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڳالهين دوران آمريڪي سفير چيو ته نه صرف پاڪستان پر ٻين ملڪن ۾ به عوام جي خوشحالي لاءِ ترقيءَ جو رستو اهم هوندو آهي جنهن ڪري ان کي شفاف هجڻ گهرجي ۽ ان تي آزادانه طور ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ياد رهي ته هڪ غير معمولي تقرير ڪندي آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڏکڻ ايشيا امور جي سڀ کان وڏي عهديدار ايلس ويلز چيو هو ته ڪثيرالارب ملٽي بلين ڊالر منصوبو سي پيڪ پاڪستاني معيشت لاءِ ادائيگي وقت مشڪلاتن جو سبب بڻجندو. هن جو چوڻ هو ته سي پيڪ پاڪستان لاءِ امداد نه پر مالي معاملن جي اهڙي شڪل آهي جيڪا چين جي سرڪاري ڪمپنين کي فائدو پهچائڻ آهي جڏهن ته پاڪستان جو ان ۾ صرف معمولي فائدو آهي. جنهن جي رد عمل ۾ پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير يائوجنگ سي پيڪ منصوبي ۾ ڪرپشن جي الزامن کي رد ڪندي چيو هو ته آمريڪا سي پيڪ تي ڪرپشن لڳائڻ واري الزامن کان احتياط ڪري. سي پيڪ بابت ڪرپشن جون ڳالهيون ڪرڻ ان وقت آسان آهي جڏهن توهان وٽ صحيح معلومات نه هجي. ان سان گڏوگڏ هن چيو ته نيب ۽ حڪومتي ايجنسين کي سي پيڪ منصوبن ۾ ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ناهي مليو. هن هڪ سوال ڪندي چيو ته 2013 ۾ جڏهن چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ پاور پلانٽ لڳائي رهيون هيون ان وقت آمريڪا ڪاٿي هيو پاڪستان کي بجلي جي شديد ضرورت هئي اهو ڄاڻڻ باوجود آمريڪا پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڇو نه ڪئي. ٻئي طرف پاڪستان به سي پيڪ جي حوالي سان آمريڪي خدشن کي رد ڪيو ويو هو.وزير خارجه شاهه محمود قريشي رد عمل ڏيندي چيو هو ته سي پيڪ جي ڪري اسان جي ڊيبٽ سروسنگ قرض ۾ بي پناهه اضافو ٿيندو اهو غلط آهي. هن جو چوڻ هو ته سي پيڪ جا منصوبا جاري رهندا بلڪه وسيع منصوبن تحت ان جي فيز ٽو جو آغاز ڪيو ويو آهي اسان سمجهون ٿا ته اها اسان جي معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو